ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ

ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ

اسماعيل ميمڻ ڊاڪٽر

اسماعيل ميمڻ، ڊاڪٽر: مشهور محقق، نقاد ۽ نثر نويس ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ پهرين جون 1960ع تي ڳوٺ پهاڙ مري، تعلقي ٽنڊي باگي، ضلعي بدين ۾ جنم ورتو. مختلف ادارن مان تعليم حاصل ڪندي 2012ع ۾ هن مولوي حاجي احمد ملاح جي قرآن پاڪ جي منظوم ترجمي ”نور القرآن“ تي مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي.1978ع ۾ پرائمري استاد طور نوڪري جي شروعات ڪئي، ترقي ڪندي ايسوسيئيٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ 31 مئي 2020ع تي رٽائرڊ ٿيو. ان دوران پاڻ مختلف اسڪولن ۾ پرنسپال طور به ذميواريون نڀايون. 2005ع ۾ تعلقي بدين جو ADEO ٿي رهيو. هن اتي رهندي اسڪولن ۾ تعليمي سرگرميون وڌايون، سنڌ جي قومي سورمن جا ڏهاڙا ملهائڻ جو بنياد وڌو، بند پيل اسڪول کولرائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون. مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ تعليمي ۽ سماجي مضمون لکيائين. هن وقت مولوي حاجي احمد ملاح جي منظوم ترجمي کي نثري شڪل ڏئي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.06.01  عيسوي

محقق، نقاد ۽ نثر نويس ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ پهرين جون 1960ع تي ڳوٺ پهاڙ مري، تعلقي ٽنڊي باگي، ضلعي بدين ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بادام ناتوان
مختيار سمو
لڇمڻ خوبچنداڻي
غلام مصطفيٰ ڀنڀرو
زرداري محمد خان
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
عبدالقدير ڪاڃون
شاهنواز سوڍر ڊاڪٽر
ڄيٺواڻي هريڪانت
قابل ڏاهري
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون